ڦلجي ڀرسان ڳوٺ آندل چانڊيو ۾ واڙي کي باهه، پنجويهه ٻڪريون سڙي ويون
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور) ڦلجي ڀرسان ڳوٺ آندل چانڊيو ۾ باھ اچانڪ ٻڪرين جي واڙي کي وڪوڙي وئي پنجويه ٻڪريون سڙي مري ويون ٻڪرين کي سڙڻ کان بچائيندي مسمات( ع ) زال غلام رسول چانڊيو پڻ سڙي زخمي ٿي پئي ،
اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو ، زخمي عورت جي حالت خراب ٿيڻ سبب وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد اسپتال نيو ويو ، ان موقعي تي متاثرن ميڊيا اڳيان هنجون هاريندي چيو ته شڪ آھي ته ٻڪرين کي ٿڌ کان بچائڻ لاء ڪيل دونهي مان اچانڪ باھ ڇن( لانڍي ) کي وڪوڙي وئي ،
باھ لڳڻ جي دير سان خبر پئي تيستائين باھ لانڍي کي وڪوڙي وئي هئي باھ ۾ پنجويھ ڍور ڀلوڙ نسل جون ٻڪريون سڙي ڪوئلو بڻجي ويون ، گهر موجود عورتن ٻڪرين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران هڪ عورت پڻ زخمي ٿي آھ جيڪا حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ٿيل آھي جتي سندس علاج هلندڙ آھي ،
هنن ضلعا چيئرمين سيد محمد شاھ ۽ وسوارن کي مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته پورهيت آھيون ٻچن جي پيٽ گزر لاء ٻڪرين جو ڌڻ هيو سو به اڄ سڙي کسجي ويو مالي سهائتا ڪري مدد ڪئي وڃي ته جيئن بچن جي پيٽ گزر ٿيندو رهي
جنوري 14, 2026