ملير درگاهه سيد يوسف شاهه اميناڻي جو 54هون ساليانو عرس مبارڪ شروع
ملير (ڊر ) ملير جي مشهور روحاني بزرگ درگاهه سيد يوسف شاهه اميناڻي جو 54هون ساليانو عرس مبارڪ اڄ کان باقائده طور شروع ٿي ويو آهي.
عرس جي افتتاحي تقريب ۾ پير حفيظ الله جان سرهندي، حاجي ظفر درس ۽ صالح محمد درس درگاهه تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جي ميلي جو افتتاح ڪيو.
عرس جي موقعي تي مذهبي رسمن سان گڏ سنڌ جي قديم ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملاکڙو پڻ منعقد ڪيو ويندو. ميلي ۾ سڄي سنڌ مان آيل دوڪاندار مٺائي، رانديڪا، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻارن جي تفريح لاءِ جهولا پڻ لڳائي آهن، جنهن سبب ميلي ۾ خاص رونق نظر اچي رهي آهي
عرس مبارڪ دوران هزارين جي تعداد ۾ مريد، خادم ۽ ملير سميت ڀرپاسي وارن علائقن جا ماڻهو درگاهه تي حاضري ڀريندا ۽ ميلو ۾ تفريح سان گڏ ثقافتي رنگن جو لطف حاصل ڪندا آهن . انتظاميا پاران عرس جي ڏينهن دوران سيڪيورٽي ۽ ٻين سهولتن جا به خاص انتظام ڪيا ويا آهن.
