شڪارپور: ڪراچي کان جيڪب آباد ويندڙ ڪوچ شڪارپور بائي پاس تي ڪلٽي، مسافر زخمي

Spread the love

شڪارپور( رپورٽر) ڪراچي کان جيڪب آباد ويندڙ هڪ مسافر ڪوچ شڪارپور بائي پاس تي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار ڪيترائي مسافر زخمي جن ۾ فداحسين ولد ھزار خان بگٽي اياز ولد نظير احمد ڊومڪي ، صادق ولد رشيد احمد منگي جيڪب آباد رھائشي، حرمت زال سڪندر ڀٽي ويٺل ڪراچي ،شڪيلان زال آصف علي مرھيٽو ويٺل جيڪب آباد ، خيرالنساء زال عبدالوھاب ڪيھر،زڪيہ زال عبدالستار کوھارو شامل آهن
ياد رھي ته جيڪب آباد کان نڪرندڙ ڪوچ جو ھي ٽيون واقعو آهي

جنھن ۾ ڊرائيورن جي غفلت سبب پيش آيو آهي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ افراتفري مچي وئي، جڏهن ته اطلاع ملڻ شرط ريسڪيو 1122 ۽ پوليس جي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون۔ زخمين کي فوري طور ايمبولينس ذريعي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو،

جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔
ابتدائي ڄاڻ موجب حادثو ڊرائيور جي غفلت ۽ تيز رفتاري سبب پيش آيو، جڏهن ته پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔ مسافرن پاران انتظاميه کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته قومي شاهراهن ۽ بائي پاسن تي رفتار ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، جيئن اهڙن حادثن کان بچي سگهجي۔

جنوري 14, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو