ٿر ڪوئلي مان بجلي پيدا ٿيڻ شهيد راڻي جي خواب جي تعبير آهي: مراد علي شاهه
مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته شهيد راڻي جو خواب هو ته ٿر جي ڪوئلي واري پراجيڪٽ کي عملي جامو پارائي ٿر سميت پوري ملڪ کي معاشي طور مضبوط بڻائجي ۽ ان خواب جي تعبير سنڌ حڪومت شروع ڪري ڇڏي آھي ۽ هاڻي ٿر جي ڪوئلي مان بجلي به پيدا ٿي رهي آھي هن چيو ته آئون 2005 ۾ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي چونڊ مهم دوران ٿر آيو
هئس تڏھن ڪراچي کان مٺي پهچڻ ۾ 8 ڪلاڪ لڳندا هئا پر هاڻي روڊ رستا ٺھن سبب اهو سفر 4 ڪلاڪن جو آھي پر هن درشن ڪمار ملاڻي جو نالو نه کڻندي سندس ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هڪڙو ڊرائيور 3 ڪلاڪن ۾ ڪراچي کان مٺي پهچائيندو آھي پر اڃان به اوهان کي ٿر جلدي پهچڻو آھي ته هوائي اڏو به استعمال ڪري سگهجي ٿو۔ هن چيو ته اسان بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ٿر ۾ آر پلانٽن ۽ صحت جي شعبن تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آھي ۽ پ پ پ حڪومت ٿر کي بدلايو آھي ۽ هن ٿر مان پاڪستان لاءۡ بجلي پيدا ڪري رهيا آھيون
اهي ئي ٿر جا معدني ذخيرا اوهان جي قسمت بدلائيندا۔ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ٿر ۾ ھڪ سئو يونٽ بجلي مفت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو هاڻي اهي بل سنڌ حڪومت ادا ڪري رهي آھي۔ هن چيو ته ڪالھ جناح يونيورسٽي ڪراچي جي ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءَ ويس اتي پوزيشن هولڊر سمورا شاگرد اقليتي هئا جنهن تي اسان کي خوشي ٿي۔ هن چيو ته ٿر انسٽيٽيوٽ آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو ادارو ٿر ۾ تعمير ڪرايو آھي جيڪا ٿرواسين کان تعليم جي هڪ وڏي سهوليت فراهم ڪئي آھي ۽ اهي شاگرد اڳتي هلي پاڪستان جي قسمت بدلائيندا۔
هن چيو ته پ پ جي حڪومت سنڌ پاران واعدو ٿو ڪريان ٿرپارڪر لاءَ انشاء الله وسيلن جي ڪمي نه ٿيندي ۽ اسان هن اداري کي اڳتي هلي مڪمل يونيورسٽي جو درجو ڏينداسين ۽ 2028 ۾ انهي ڪئمپس کي يونيورسٽي ۾َ تبديل ڪنداسين
جنوري 14, 2026