هڪ سازش جي تحت سنڌ جي ڪردار ڪشي ڪئي ويندي آهي، ٿر ڪول سبب معاشي انقلاب آيو: بلاول ڀٽو زرداري
مٺي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ سازش جي تحت سنڌ جي ڪردار ڪشي ڪئي ويندي آهي.
اهڙي ڪوڙي بيانيي جو جواب ٿرپارڪر جي ترقي آهي، اسان سموري سنڌ ۾ اهڙي طرح محنت ڪري رهيا آهيون، اسان جي حڪومت عوام دوست حڪومت آهي.
مٺي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جڏهن به ٿر ايندو آهيان ته خوشي ٿيندي آهي هتي جي عوام پيپلز پارٽي، بينظيرڀٽو ۽ شهيد ڀٽو سان محبت ڪري ٿي.
جيتري محبت ٿرپارڪر جي ترقي جي لاءِ يپپلز پارٽي ڪئي آهي انهي مان ثابت ٿي ويو آهيته پارٽي ڪيتري هتان جي عوام سان محبت ڪندي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته هڪ سازش جي تحت سنڌ جي ڪردار ڪشي ڪئي ويندي آهي.
انهي ڪوڙي بيانيي جو جواب ٿرپارڪر جي ترقي آهي. اسان جي بدقسمتي آهي ته اوهان کي پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي. جڏهن بينظير ڀٽو ڪوشش ڪئي ته سازشن جي تحت انهي کي ناڪام بنايو ويو.
هن چيو ته ٿرڪول سبب معاشي انقلاب آيو، انهي جي ڪري اسان هڪ سماجي انقلاب ٿرپارڪر ۾ ڏٺو آهي هتي نه ڊسپينسري، نه هيلٿ يونٽ ۽ نه وري اسپتال هوندا هئا پر هاڻ صحت جو نظام ٿرپارڪر ۾ وڇايو ويو آهي.
ٿرپارڪر جي ترقي لاءِ اسان ٿر فائونڊيشن ٺاهي، ٿرپارڪر مان حاصل ڪيل منافعي جو هڪ حصو انهي فائونڊيشن کي ڏنو ويندو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته اسان سموري سنڌ ۾ اهڙي طريقي سان محنت ڪري رهيا آهيون، اسان جي حڪومت عوام دوست حڪومت آهي، اسان صوبي جي عوام جي مفاد ۾ سوچيندا آهيون، اسان سنڌ ۾ يونيورسٽيز ۽ انهي جي ڪيمپس کي ٻيڻو ڪيو، اسان اهڙي طرح ٻين صوبن سان مقابلو ڪرڻ چاهيون ٿا.
اميد آهي ته ٿرپارڪر جي عوام تعليم حاصل ڪري هر شعبي ۾ ترقي ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي خوشي ٿي آهي ته ٿرپارڪر ۾ گلگت جا شاگرد به تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايندا آهن.
جنوري 14, 2026