17 سالن جي عمر ۾ آڊيشن ڏنم ته ڊائريڪٽر سان محبت ٿي وئي

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا سارا عمر شوبز انڊسٽري ۾ گهٽ ڪم ڪيو ۽ تنهن بعد هن شادي ڪري ڇڏي ته واپس وري نه آئي.

تازو هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مان جڏهن پهريون آڊيشن ڏيڻ ويس ته اتي ڊائريڪٽر محسن طلعت سان محبت ٿي وئي ۽ هن به مون سان ئي محبت ڪئي، پوءِ اسان ٻنهي فيصلو ڪري ورتو ته اسان شادي ڪنداسين جنهن بعد اهو خواب ساڀيان ٿيو.

هن چيو ته ان دوران هن شوبز ۾ ڪم نه ڪيو، شادي جي ڪجهه وقت بعد هن سوچيو ته هو شوبز ۾ واپس ايندي پر ڳورهاري بڻجي وئي.

ان کانپوءِ هن فيصلو ڪري ورتو ته هاڻي هو گهر کي ئي مڪمل وقت ڏيندي.

اڳوڻي اداڪارا چيو ته مان خوش آهيان جو منهنجي شادي پسند جي ٿي، مون کي زندگي گذارڻ ۾ سولائي ٿي رهي آهي ۽ مان گهڻو ڪجهه سکي ورتو آهي.

هن واضح ڪيو ته سندس شوبز ۾ واپس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي.

جُولاءِ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو