پي ٽي آءِ چيئرمين دهشتگردي ڪيسن ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيسن ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين ڊي آءِ جي آفيس ۾ پوليس آڏو پيش ٿيو ۽ هن دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيسن ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد پوليس جي ڪيسن بابت سوالن جا جواب ڏنا، وڪيلن جي ٽيم به پي ٽي آءِ چيئرمين سان گڏ ڊي آءِ جي اسلام آباد آفيس ۾ موجود هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان کان اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين پڇاڳاڇا ڪئي وئي، جنهن بعد پي ٽي آءِ چيئرمين ڊي آءِ جي آفيس کان بني گالا لاءِ روانو ٿي ويو .
