آءِ سي سي ڀارت جي سياست نٿو روڪي سگهي ته ان کي بند ٿيڻ گهرجي: سعيد اجمل

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر سعيد اجمل چيو آهي ته جيڪڏهن آءِ سي سي ڀارت کي سياست کان نٿي روڪي سگهي ته ان کي بند ٿيڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سعيد اجمل چيو ته آءِ سي سي فيئر اينڊ لوو ڪرڪيٽ سان فيصلا ڪري، فيئر فيصلا ڪندئو ته اهو ئي ٿيندو جيڪو پاڪستان ۽ ٻيا ڪرڪيٽ بورڊ چاهين ٿا، هڪ ملڪ جي مرضي تي سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ نٿي هلي سگهي.
هن چيو آءِ سي سي کي پيغام آهي ته فيئر ڪرڪيٽ ٿيڻ گهرجي، سڄي دنيا پاڪستان اچي کيڏي رهي آهي ته ڀارت کي ڪهڙي تڪليف آهي جو پاڪستان نٿو اچي.

جنوري 11, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو