” پيءَ جهڙي شخصيت وڃائي ڇڏي“، سلمان ڌرميندر کي ساريندي لڙڪ لاڙي ويٺو

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر سنيما جي ليجنڊ اداڪار ڌرميندر لاءِ پنهنجي اڻمئي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.
ويجهڙائي ۾ ڌرميندر بابت ڳالهائيندي سلمان خان چيو ته ”مان هڪ پيءُ جهڙي شخصيت وڃائي ڇڏي، ڌرم جي! منهنجي شخصيت تي گهرو اثر ڇڏيو.“
سلمان خان پنهنجي ڪاميابي جو سمورو ڪريڊٽ به ڌرميندر کي ڏنو ۽ چيو ته ڪيريئر جيڪو ڪجهه به ڪيو، اهو ڌرميندر کي ڏسي ڪيو.
اداڪار جو چوڻ هو ته ”زندگيءَ ۾ منهنجو پيءُ ۽ ڌرم جي، ٻه اهڙيون شخصيتون آهن جن کي مون هميشه فالو ڪيو آهي، ٻنهي مان متاثر ٿيس، ڌرميندر باڪمال انسان هو، هو جذباتي ۽ تمام گهڻو ٻاجهارو هو.“

ڊسمبر 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو