مشهور ٽڪ ٽاڪر مريم روڊ حادثي ۾ فوت

Spread the love

جهلم (ويب ڊيسڪ) جهلم جي مشهور نوجوان ٽڪ ٽاڪر مريم روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وئي.

اهو حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ٽڪ ٽاڪر پنهنجي مڙس سان گڏ موٽرسائيڪل تي سرائي عالمگير کان جهلم شهر ڏانهن سفر ڪري رهي هئي، رستي ۾ ٽڪ ٽاڪر جو رئو پٺين ٽائر ۾ ڦاسي پيو ۽ موٽر سائيڪل اسپيڊ ۾ هجڻ سبب حادثو پيش آيو جنهن ۾ ٽڪ ٽاڪر مريم فوت ٿي وئي. ريسڪيو اهلڪارن ٿڏي تي پهچي مريم جو چيڪ اپ ڪيو پر هوءَ نه بچي سگھي، ٽڪ ٽاڪر جي لاش کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جُولاءِ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو