سنڌ جي ساز ”بوڙيندي“ جو يونيسڪو جي عالمي ورثي جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ

Spread the love

دوست حفيظ چنا
سنڌ، جيڪا موهن جو دڙو کان وٺي اڄ تائين انساني تهذيب جي زنده شاهد رهي آهي، اُها رڳو سرن، پٿرن ۽ ماڳن تائين محدود ناهي، پر هتي جي موسيقي، ساز، راڳ ۽ لوڪ روايتون به انهيءَ تهذيب جو اوترو ئي اهم حصو آهن. اهڙن ئي ناياب ۽ وسرندڙ ثقافتي ورثن مان هڪ سنڌ جو قديم ساز “بوڙيندو” آهي، جيڪو صدين کان سنڌي روح جي ترجماني ڪندو آيو آهي. بوڙيندو رڳو مٽي مان ڳوهيل پينوڙو نه  پر هڪ اهڙو آواز آهي، جيڪو وڇوڙي، محبت، مزاحمت ۽ روحانيت کي گڏ کڻي هلي ٿو.

سنڌ جي لوڪ راڳن، صوفي شاعري ۽ درگاهي ثقافت ۾ بوڙيندو (بوريندو / Boreend) ۽ ٻين رواجي سازن جو ڪردار نه صرف موسيقيائي همراهيءَ تائين محدود رهيو، پر اهي ساز متعارف ڪرائيندڙ جذبات، روحاني لڙن ۽ سماجي يادگيرين جا ذميوار رواجي وسيلا پڻ رهيا آهن خاص ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڪلام جي ادائيگيءَ ۾ جنھن ۾ دردِ محبت ۽ معرفت جو سنگم ساز ۽ راڳ ذريعي مڪمل ٿيندو آهي.

تحقيقي حوالي سان ڏٺو وڃي ته بوڙيندو سنڌ جي ثقافتي ورثي جو اهم جزو آهي. ان جي تياري، وڄائڻ جو طريقو ۽ مخصوص سر مقامي علم سان لاڳاپيل آهن، جيڪي زباني روايتن وسيلي نسل در نسل منتقل ٿيندا رهيا آهن. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جديد دور جي تيز رفتار زندگي، تجارتي موسيقي ۽ بغير سرپرستي سبب هي ساز ختم ٿيڻ جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي نازڪ مرحلي تي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جو ڪردار انتهائي ساراھ جوڳو رهيو آهي، جنهن وسرندڙ ورثن کي ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم کنيا آهن. خاص طور تي صوبائي وزير ثقافت، سياحت، آثار قديمه ۽ آرڪائيوز سيد ذوالفقار علي شاهه جي اڳواڻي هيٺ بوڙيندي سميت ٻين روايتي سازن جي سڃاڻپ، دستاويزي ڪم ۽ عالمي سطح تي مڃتا لاءِ ڪوششون قابلِ تحسين آهن.

سيد ذوالفقار علي شاھ نه رڳو هڪ منتظم پر سنڌ جي ثقافتي روح سان جڙيل هڪ سنجيده فڪري اڳواڻ طور سامهون آيو آهي. سندس رهنمائيءَ ۾ ثقافت کاتي پاران بوڙيندي کي يونيسڪو جي عالمي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ جيڪي تحقيقي فائيل، تاريخي حوالا ۽ ثقافتي دستاويز تيار ڪيا ويا، اهي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهن. هي قدم نه رڳو بوڙيندي کي عالمي سڃاڻپ ڏياريندو، پر سنڌ جي تهذيب کي به عالمي ثقافتي نقش تي نمايان ڪندو.

يونيسڪو جي معيار موجب، اهڙا ثقافتي عنصر جيڪي انسانيت جي گڏيل ورثي جو حصو هجن، زنده روايتن سان لاڳاپيل هجن ۽ جن کي تحفظ جي ضرورت هجي، تن کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. بوڙيندو انهن سڀني معيارن تي پورو لهي ٿو، ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي جون ڪوششون ان حقيقت جي سچي ترجمان آهن.بوڻيندي کي عالمي ورثو قرار ڏيڻ سان سنڌي موسيقيءَ جي عالمي سطح تي سڃاڻپ ٿيندي مقامي فنڪارن ۽ راڳين کي نئون حوصلو ملندو نوجوان نسل پنهنجي ثقافتي بنيادن سان ٻيهر ڳنڍجندو سنڌ جي ثقافتي سفارتڪاري مضبوط ٿيندي.

اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي ثقافت کاتي جي انهن ڪوششن کي سماج جي هر طبقي جي حمايت ملي آھي اديب، دانشور، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي اڳتي وڌي هن جدوجهد جو حصو بڻجڻ گهرجي، جيئن بوڻيندو رڳو ماضيءَ جي ياد نه رهي، پر مستقبل جو زنده آواز بڻجي. بوڙيندي جو تحفظ دراصل سنڌ جي سڃاڻپ جو تحفظ آهي، ۽ سنڌ حڪومت، خاص طور وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاھ جون ڪوششون ان جدوجهد ۾ هڪ روشن مثال آهن، جنھن کي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان ياد ڪيون وينديون.انهيءَ پسمنظر مان ظاهر ٿئي ٿو ته بوڙيندو جهڙا رواجي ساز نه رڳو موسيقيءَ لاءِ اوزار آهن، پر اهي صوفي قصن، چوڻين ۽ لوڪ ڪهاڻين جي زباني روايت کي منتقل ڪرڻ، اجتماعي يادگيريون برقرار رکڻ ۽ سنڌي سڃاڻپ کي ٻڌل رکڻ ۾ به بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا تنهن ڪري انهن جو تحقيقي، حفاظتي ۽ تعليمي حوالن سان دستاويزيڪاري لازمي آهي ته جيئن هي ورثو ايندڙ نسلن تائين زنده رهي.

ڊسمبر 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو