زرعي ماھرن پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف زمينن جو دورو

Spread the love

ٽنڊوڄام(رپورٽ: واجد علي چانڊيو) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گھٽ پيداوار ڏيندڙ زرعي زمينن جي پيداواري صلاحيت بھتر بڻائڻ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ جي ماھرن جو سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف زمينن جو اڀياسي دورو، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري کي رپورٽ پيش ڪئي ويئي،

خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري جي ھدايتن تي سنڌ ۽ بلوچستان جي ويجھين زرعي زمينن جي بھتري، انھن جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۽ في ايڪڙ پيداوار جي واڌاري لاءِ فيڪلٽي آف ڪراپ پراڊڪشن جي ڊين ڊاڪٽر عنايت اللھ راڄپر جي سربراھي ۾ يونيورسٽي ۽ زرعي تحقيق جي ماھرن تي ٻڌل 7 رڪني ٽيم جھل مگسي ويجھو سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف زرعي فارمن جو دورو ڪيو، جتان مٽي، پاڻي جا نمونا وٺڻ، زمينن کي پاڻي جي موجود سھولت، آبھوا جو جائزو وٺڻ سان گڏ زميندارن ۽ عملي کان مختلف مامرن بابت ڄاڻ ورتي، بعد ۾ ماھرن پاران پنھنجي تجويزن ۽ سفارشن تي ٻڌل رپورٽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري حوالي ڪئي،

ان حوالي سان ھڪ اھم اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو، اجلاس دوران ماھرن ڄاڻايل زرعي زمينن جي فيلڊن ۾ پاڻي جي مناسب منصوبه بندي، زمين جي ڪارڪردگي جي بنياد تي فصلن جي چونڊ، جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال، نج ٻجن جي چونڊ، وقت سر ڀاڻ جي مناسب استعمال، مٽي ۽ پاڻي جي چڪاس ۽ موسمن پٽاندڙ فصلن جي چونڊ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آھي،

جڏھن ته اھڙن علائقن جي زرعي زمينن کي نامياتي ڪپھ جي جنسن جي پوکي لاءِ موزون علائقو قرار ڏنو، ۽ زرعي فارمن جي بھتر زرعي انتظامن ذريعي صلاحيت وڌائڻ ۽ ماھرن جي تجربن مان فائدو وٺڻ لاءِ زرعي گريجوئيٽس جي مقرري جي تجويز ڏني ويئي،

ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ھنن علائقن ۾ ٻاھرين ملڪن خاص طور تي گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (جي سي سي) جي ملڪن مان زراعت ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آھن،

 جنھن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اڳڀرائي لاءِ ھن منصوبه بندي، ترقي ۽ خاص اڳڀرائين واري وزير ۽ خاص سيڙپڪاري بابت سھولتن واري ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي چيئرمين پروفيسر احسان اقبال چوڌري کي خط پڻ اماڻيو آھي، جنھن ۾ جي سي سي جي سيڙپڪاري بابت موجود وسيلن ۽ موقعن بابت آگاھي ڏني ويئي آھي،

وائيس چانسلر چيو ته سنڌ ۾ ان سلسلي ۾ مختلف منصوبا جوڙيا ويندا ۽ اعليٰ سطحي سيمينارن سان گڏ بلوچستان جي آبادگارن جي بھتري لاءِ حاصل ڪيل تفصيلن جي روشني ۾ ڪوئيٽا ۾ به ملڪي سطح جو سيمينار ڪرائڻ جي تجويز غور ھيٺ آھي،

جنھن سان نه صرف پيداوار ۾ اضافو ٿيندو پر گھٽ پيداوار ڏيندڙ زمينن ۽ خالي پيل زمينن جي جي آبادي سان آبادگارن ۽ ھارين جي خوشحالي کي وڌيڪ ھٿي ملندي، ھوڏانھن ماھرن جي ٽيم زمينن جي بحالي، بھتر پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ زمينن جي بھتري لاءِ ھڪ تحقيقي ۽ ترقي بابت پروجيڪٽ تيار ڪرڻ جي صلاح پڻ ڏني،

اجلاس ۾ توڙي  مقرر ڪيل ماھرن جي ڪاميٽي ۾ ڊين ڊاڪٽر عنايت اللھ راڄپر، ڊين ڊاڪٽر منظور علي ابڙو، ڊاڪٽر ظھور احمد سومرو، ڊاڪٽر شاھنواز مري، نبي بخش ڄامڙو، منظور احمد کھڙو، سعيد حيدر گھلو، ڪليم اللھ شيخ ۽ ڊاڪٽر منظور علي مگسي شامل آھن.

جُولاءِ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو