وڳڻ: قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڄامشورو پوليس ھٿان گرفتار

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو ) وڳڻ ۾ ٽي سال اڳ قتل ڪيل امتياز علي بروھي جي قتل ڪيس ۾ نامزد ھڪ جوابدار ڄامشورو پوليس ھٿان گرفتار

خبر موجب وڳڻ ويجھو ڳوٺ قبول تيوڻا ۾ ٽي سال اڳ گھر اڳيان گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيل امتياز علي بروھي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار شعيب علي پٽ نواز ڪوري کي مقتول جي ڀاءُ محمد علي بروھي جي نشاندگي تي گرفتار ڪري ورتو آهي

 رابطو ڪرڻ تي مقتول جي وارثن ٻڌايو ته ٽي سال اڳ امتياز علي بروهي کي گھر اڳيان گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو

جنھن بعد اسان وڳڻ ٿاڻي تي شعيب ڪوري سميت ڇھن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايوسين پر ٽي سال گذرڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد جوابدار روپوش رھيا

ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او وڳڻ ٻڌايو ته ڄامشورو پوليس ھٿان گرفتار جوابدار کي ھينڊ اور ڪرڻ لاءِ پوليس اھلڪار ڄامشورو روانا ڪري ڇڏيا آھن جئين ئي جوابدار اسان حوالي ٿيو ته ڪارروائي کي اڳتي وڌائينداسين.

جُولاءِ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو