اسلام ڪوٽ ۾ ثقافتي ڏينهن ايڪتا قومي عيد جي شاندار تقريب سان ملهايو ويو
اسلام ڪوٽ(ناحمدعلي سانگي)اسلام ڪوٽ ۾ ايڪتا ڏهاڙي تي ثقافت جا رنگ جهرڪي پيا،قومي عيد جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو،
ڏهاڙي جي صبح ٿيندي ئي ثقافت جا انڍلٺي رنگ نروار ٿيڻ شروع ٿي ويا،ننڍا توڙي وڏا ثقافتي ويس ۾ ريلين ۽ قافلن جي صورت ۾ پريس ڪلب تي پهچڻ شروع ٿي ويا،
شاگردن پاران انساني زنجير ٺاهي ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو،پريس ڪلب کان گڏيل طور تي شاندار ريلي ڪڍي ويئي،ريلي ۾ عوام جو سمنڊ اۡٿلي پيو،قومي گيتن تي جهمريون هڻي ڌرتي ماتا کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي،
شهر سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جي نعرن سان گونجي اۡٿيو،مک تقريب ٿرعجائب گهر ۾ منعقد ڪئي ويئي جتي اڳواڻن خطاب ڪيو ۽۽ شاگردن ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو،
تفصيل موجب: سنڌي ميديا جي سڏ تي سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جي سري هيٺ ايڪتا قومي عيد جو ڏهاڙو اسلام ڪوٽ واسين وڏي جوش ۽ خروش سان ملهايو،قومي عيد جي ڏهاڙي تي سمورو شهر ثقافت جي خوبصورت رنگن سان رنگجي ويو ڪالھ ڏهاڙي جي شروعات ٿيندي ئي مختلف سياسي سماجي ڌريون،
واپاري،توڙي مختلف اسڪولن جا استاد ۽ شاگرد قافلن ۽ ريلين جي صورت ۾ سنڌي ثقافت زنده باد،سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور، سنڌي ميديا زنده باد جا نعرا هڻندا پريس ڪلب تي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا جٿي اسڪولي شاگردن ۽ نوجوانن پاران انساني زنجير ٺاهي ايڪتا جو اظهار ڪرڻ بعد قومي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي
بعد ۾ واپارين شهرين توڙي شهر جي مختلف اسڪولن اليمينٽري مين اسڪول،راجپوت ڪالوني،بجير ڪالوني ۽ هريجن ڪالوني اسڪول هلال پبلڪ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران ٽائون چئرمين ڪمليش ڪمار،اڳوڻي ناظم گهنشامداس،ٿر فائونڊيشن جي امام علي ڏيٿو،واپاري اڳواڻ ڪلديپ پارواڻي،ٽي اي او پرائمري نور احمد جنجهي،استاد قربان علي انڙ،عبدالرحيم بجير جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي ويئي،
ريلي عوامي سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳي،ريلي ۾ شامل ننڍا توڙي وڏا جهمريون هڻندا نچندا ڪڏندا خوشي جو اظهار ڪري رهيا هئا عوامي سمنڊ پاران زوردار نعرن سبب سمورو شهر سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جي نعرن سان گونجي اۡٿيو ريلي پنهنجي روٽن تان ٿيندي ٿر عجائب گهر پهتي جتي جلسي جو ڏيک ڏيڻ لڳي مک تقريب عجائب گهر ۾ منعقد ڪئي ويئي جتي شاگردن پاران تقريرون ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪري پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو
تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان اڄ ايڪتا ڏهاڙي کي قومي عيد جو ڏينهن ڪري جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهيون اسان جيڪو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي وساري ويٺا هئاسين انهي کي اجاگر ڪرڻ جو بهترين موقعو مليو آهي اسان اهو ڪريڊٽ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين کيڏيون ٿا جنهن ڏهاڙو ملهائڻ جي شروعات کي سنڌي قوم کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي
اڄ سموري سنڌي قوم پنهنجا سياسي ۽ ذاتي اختلاف رنجشون وساري قومي عيد جو ڏهاڙو ملهائي پئي هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جي مطالبي تي سموري سنڌي قوم متحد آهي ڇاڪاڻ جو سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، ڌاريا سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي چڪا آهن
وفاقي حڪومت افغانين ۽ ٻين ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاء جيڪو قدم کڻي رهي آهي اسان انهي جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا هنن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهن پر انهي ۾ جيڪڏهن ڪو ڌاريو سنڌ لاء ميري اک رکي ٿو ته انهي کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو
سنڌ سنڌين جي آهي جيستائين هڪ به سنڌي زنده آهي تيستائين سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي،تقريب ۾ اسڪولي شاگردن پاران شاندار ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو جڏهن ته هڪ ،شاگرد اقبال پاران وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو ڳائي موجوده ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو،
جڏهن ته تقريب کي ڪلديپ پارواڻي،امام علي ڏيٿو،زين عابدين هاليپوٽو،قربان علي اۡنڙ،صحافي غازي بجير،اشوڪ شرما، صدام بجير ۽ ٻين خطاب ڪيو،ٻي پاسي بي آء ايف جي اڳواڻن مرڪزي صدر ديدار سيندل ڀيل،وڪيل لڄپت سوراڻي جي اڳواڻي ۾ ڀيل برادري جي ماڻهن پريس ڪلب تي پهچي صحافين کي ٿر جي ثقافت موجب اجرڪون اوڍايون ۽ ايڪتا قومي عيد جون واڌايون ڏنيون،
ڊسمبر 7, 2025