ڪراچي کانپوءِ لوڌران ۾ به ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري فوت

Spread the love

لوڌران (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کانپوءِ لوڌران ۾ به هڪ ٻار کليل گٽر ۾ ڪِري فوت ٿي ويو.
لوڌران جي علائقي ڌنوٽ ۾ 7 ورهين جو ريحان کليل گٽر ۾ ڪِري پيو، رياض آباد ڪالوني جو رهواسي پيءَ سان گڏ سودو وٺڻ سعيد چوڪ آيو هو، سيوريج لائن ۾ 8 کان 10 فوٽ گندو پاڻي به هلي رهيو هو.
ريحان پيءُ سان گڏ هلندي گٽر ۾ ڪِريو، ريسڪيو آپريشن کان ٻار کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو پر هو نه بچي سگهيو.
افسوسناڪ واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

ڊسمبر 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو