پاڪستاني نوجوانن لاءِ ملڪ گير مقابلي جو اعلان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) 18 ورهين کان وڌيڪ عمر جي شاگردن لاءِ مصوري، فوٽو گرافي ۽ شارٽ فلم جي ملڪ گير مقابلي جو اعلان ڪيو آهي.
اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ جي 18 ورهين کان وڌيڪ عمر جي شاگردن ۽ شاگرديانين لاءِ مصوري، فوٽوگرافي ۽ شارٽ فلم جي مقابلي جو اعلان ڪيو آهي.
اين ڊي ايم اي ترجمان موجب ان مقابلي جو مقصد نوجوان نسل کي آفتن بابت آگاهي ڏيڻ آهي.
نوجوانن لاءِ انعامن جو به اعلان ڪيو ويو آهي، پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙن کي 1 لک، ٻين پوزيشن وارن کي 75 هزار جڏهن ته ٽين پوزيشن ماڻيندڙن کي 50 هزار رپيا روڪ انعام ڏنو ويندو.
اين ڊي ايم اي خواهشمند شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چيو آهي ته هو پنهنجو آرٽ ورڪ 25 جولاءِ تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا جڏهن ته نتيجن جو اعلان پاڪستان جي پهرين ڊيزاسٽر رسڪ ريڊڪشن ايڪسپو ۾ ڪيو ويندو.
مقابلي جا موضوع ۽ شرطون ايڪسپو جي ويب سائيٽ ۽ توئيٽر موجود آهن جن موجب پينٽنگ مقابلي ۾ سڄي ملڪ جي 18 ورهين کان وڌيڪ عمر جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون شرڪت ڪري سگن ٿا.
خواهشمند نوجوان پنهنجو آرٽ ورڪ 25 جولاءِ تائين آئل پينٽ، واٽر ڪلر، ڪينوس يا ڊجيٽل فارميٽ ۾ A3 سائز ۾ هيٺ ڏنل موضوع مان ڪنهن هڪ تي جمع ڪرائين.
