وڳڻ ۾ جشن آمدِ مصطفیٰ ﷺ جي شاندار ريلي

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ :عاجز چانڊيو  )وڳڻ شهر ۾ جشن آمدِ مصطفیٰ ﷺ جي مناسبت سان مدرسه شمس العلوميه جي طرفان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پير حافظ شمس دين سوهو جي اڳواڻي ۾ منعقد ٿي. ريلي شمس العلوم حامديه مدرسه کان نڪري، شهر جي مختلف رستن مان گذري، “مرحبا يا مصطفیٰ ﷺ” جي نعرن سان جاري رهي.

ريلي جي شرڪت ڪندڙن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ جهڙو هو. آخر ۾ ريلي وڳڻ مين المرتضیٰ چوڪ تي وڏي اجتماع ۾ تبديل ٿي وئي، جتي وڏي تعداد ۾ عاشقان رسول گڏ ٿيا ۽ حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت جي عظمت ۽ شان تي تقريرون ڪيون ويون. ان موقعي تي مولوي صلاح الدين سوهو، مولوي خليل احمد واھوچو، حافظ محبوب علي بروھي،

ڊاڪٽر عبدالغفور وڳڻ ۽ ڊاڪٽر صدام حسين ڪلھوڙو خطاب ڪيو ۽ حضور ﷺ جي ولادت جي فضيلت تي روشني وڌي. اجتماع ۾ مسلسل “مرحبا يا مصطفیٰ ﷺ” جا نعرا بلند ٿيندا رهيا.

آگسٽ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو