سيوهڻ ڀرسان ڪرمپور بچاءُ بند روڊ هيوي ٽرڪن جي آمدرفت سبب شديد متاثر

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوهڻ شريف ڀرسان ڪرمپور بچاء بند تي سيوهڻ کان ڪرمپور ۔ ٽلٽي ۽ دادو ويندڙ روڊ مٿان هيوي لوڊر ڏه ويلر ٽرڪن جي آمد رفت جاري، هيوي لوڊر ٽرڪن جي آمد رفت جي ڪري بچاء بند مٿان رهواسين جي آمد رفت جي سهولت لاء ٺهيل روڊ کي هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا،روڊ مڪمل طور تي ڊيميج ٿيڻ لڳو،
ان حوالي سان ڪرمپور واسين جو چوڻ آهي ته ڏه ويلر ٽرڪن وارا ٽول ٽيڪس بچائڻ لاء ڪرمپور روڊ تان گذر ڪري رهيا آهن، جنهن سبب روڊ کي نقصان ٿي رهيو آهي، ڪرمپور واسين اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ ۽ اي ايس پي سيوهڻ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هيوي لوڊر ٽرڪن خلاف ڪارروائي ڪري سيوهڻ کان ٽلٽي ۽ دادو ويندڙ روڊ کي تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
آگسٽ 31, 2025