نوابشاهه ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران نوڪرين لاءِ احتجاجي مظاهرو

نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند)5 کان 15 گريڊ جي نوڪرين لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته بلوچ جي اڳواڻي ۾ نوابشاھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو جتي شائستہ بلوچ لالا لياقت وحيدي علي برهماڻي ۽ ٻين چيو ته 3 سال اڳ اسان ٽيسٽ پاس ڪئي ھئي پر اڃا تائين اسان کي نوڪري نه ٿي ڏني وڃي
هنن چيو ته اسان 2 لک اميدوارن ٽيسٽ پاس ڪئي اسان کي بنا انٽرويو جي نوڪريون ڏنيون وڃن ڇو ته اسان کان آئي بي اي جيڪو سٺي ساک رکندڙ ادارو آهي ان ٽيسٽ ورتي آهي هينئر ڪو به انٽرويو جو جواز ناهي هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي هلندڙ سال ۾ آفر آرڊر ڏئي اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
آگسٽ 31, 2025