سپريم ڪورٽ قتل ۽ ٻين فوجداري ڪيسن لاءِ اهم پرفارما جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قتل ۽ ٻين فوجداري ڪيسن لاءِ اهم پرفارما جاري ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب ڪيس جي سموري بنيادي ڄاڻ هڪ صفحي جي فارم تي ڏيڻ لازمي هوندي، ڌرين لاءِ ڪيس سان گڏ معلوماتي فارم جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ايف آءِ آر نمبر، ٿاڻو، پوسٽ مارٽم نتيجا پرفارما ۾ ڏيڻا پوندا.
ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ فيصلن جا نتيجا به پرفارما ۾ شامل ڪرڻا پوندا، جوابدارن جا نالا، عمر، گرفتاري جي تاريخ سڀ فارم تي داخل هوندو.
ان سان گڏوگڏ پوسٽ مارٽم جو ڏينهن ۽ وقت به پرفارما تي ٻڌائڻو پوندو، فرانزڪ جو نتيجو ڪهڙو آهي اهو به پرفارما تي داخل هوندو.
جج ڪيس جي سموري بنيادي ڄاڻ هڪ صفحي جي پرفارما سان ڏسي سگهندا، پرفارما ڏوهه جي نوعيت ۽ ڪيس جي اهميت جو فوري طور اندازو لڳائڻ ۾ مددگار هوندو.