زڪربرگ انسٽاگرام آڻي عورتن لاءِ سڀ ڪجهه سڻائو ڪري ڇڏيو آهي: ڪومل عزيز

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا، ماڊل ۽ ڪاروباري شخصيت ڪومل عزيز خان چيو آهي ته ميٽا جي سربراهه مارڪ زڪربرگ انسٽاگرام متعارف ڪرائي عورتن لاءِ وڏي سهوليت پيدا ڪئي، هاڻي ڪيئي عورتون آن لائين ڪاروبار ڪري سگهن ٿيون.
ڪومل عزيز خان ويجهڙ ندا ياسر جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن عورتن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ بابت ڪارائتيون صلاحون پڻ ڏنيون.
اداڪارا صلاح ڏني ته عورتون نوڪري دوران ئي ننڍڙو ڪاروبار شروع ڪن ۽ نوڪري سان گڏ پنهنجي ڪم تي به وقت ۽ پئسو لڳائين.
هن چيو ته گهڻي وقت تائين ننڍي سيڙپڪاري ۽ وڌيڪ وقت ڏيڻ کانپوءِ جڏهن عورتن کي محسوس ٿئي ته ڪاروبار مان سٺي آمدني ٿي رهي آهي، تڏهن نوڪري ڇڏي ڪاروبار تي مڪمل ڌيان ڏين.
هن ٻڌايو ته هن پڙهائي دوران ئي اِها رٿابندي ڪئي هئي ته اڳتي هلي پنهنجو ڪاروبار ڪندي.
هن چيو ته ڪاروبار لاءِ وڏي رٿابندي ڪئي، پلاننگ تحت پهرين شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ اداڪاري ۽ ماڊلنگ ڪئي، ڇوته هن کي خبر هئي ته جڏهن هوءَ مشهور ٿيندي تڏهن ئي ڪاروبار به هلندو، تنهنڪري شهرت ملڻ کانپوءِ ئي ڪاروبار شروع ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته ساڳئي وقت پنهنجي انسٽاگرام کي متحرڪ ڪيو ۽ مقصد اهو هو ته فالورز وڌن ته جيئن ڪاروبار جي بهتر مشحوري ڪري سگهجي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن سندس فالورز 5 لک ٿيا ته انسٽاگرام تي ڪاروبار سان لاڳاپيل پروموشنل ڪم شروع ڪيو ۽ جڏهن آمدني مناسب ٿيڻ لڳي ته اداڪاري کان به ٿورو پري ٿيڻ شروع ڪيو.
ڪومل عزيز خان چيو ته انسٽاگرام سان سندس ڪاروبار کي وڌائڻ ۾ وڏي مدد ملي، هوريان هوريان سيڙپڪاري ۽ وقت ڏيڻ کانپوءِ جڏهن آمدني اچڻ شروع ٿي ته ڊرامن کان پاسو ڪري ڪاروبار تي مڪمل ڌيان ڏنو.
هن چيو ته اڄڪلهه جي دور ۾ جيتوڻيڪ عورتون مارڪيٽن ۾ وڃي دڪان نٿيون کولي سگهن، پر آن لائين ڪاروبار ڪري سگهن ٿيون.
انٽرنيٽ ڪمپني ميٽا جي مالڪ مارڪ زڪربرگ جو ذڪر ڪندي اداڪاراچيو ته هن انسٽاگرام متعارف ڪرائي عورتن لاءِ سهوليت پيدا ڪئي.
ڪومل عزيز خان موجب، انسٽاگرام تي ڪيئي عورتون آن لائين ڪاروبار ڪري رهيون آهن ۽ جيڪي عورتون ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿيون، انهن کي انسٽاگرام استعمال ڪرڻ گهرجي.
هن مثال ڏنو ته جڏهن هن پنهنجي ڪپڙن جي برانڊ جي مشهوري ڪئي ته مهندي ڊزائين ڪندڙ ڪجهه ڇوڪرين سان گڏ ڪم ڪيو، جيڪي آن لائين ڪم ڪري رهيون هيون.

آگسٽ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو