ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد جو سنڌو درياهه جي حفاظتي بندن جو دورو، ڪچي وارن کي ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿيڻ جي هدايت

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي  سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياهه جي حفاظتي بندن جو دورو ڪري پاڻي جي صورتحال، ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪم جو جائزو ورتو ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد ابرار علي شاهه، پ پ پ ضلع صدر محمد سالم زرداري، اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا، اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد چوڌري ارسلان ۽ ٻيا عملدار ساڻس گڏ هئا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر عبداالصمد نظاماڻي چيو ته ضلع انتظاميه پاران ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

جڏھن ته ماڻھن ۽ جانورن جي علاج لاءِ صحت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن ھن وڌيڪ چيو ته ڪنھن بہ قسم جي ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ ضلعي، تعلقي انتظاميه ، ريسڪيو سميت ٻيا لاڳاپيل ادارا الرٽ آھن ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ايڪسين داد ڊويزن کي هدايت ڪئي تہ ھو سنڌو درياهه جي حفاظتي بندن جي نگراني واري ڪم کي يقيني بڻائين ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪچي ۾ رھندڙ ڳوٺاڻن کي اپيل ڪئي ته ھو فوري طور تي ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿين ضلع انتظاميه پاران ھر ممڪن سھولتون فراھم ڪيون وينديون

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد چوڌري ارسلان ٻڌايو ته ڪچي جي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن پر ڳوٺاڻا منتقل ٿيڻ لاءِ تيار ناھن ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر کي آگاھي ڏيندي ايڪسين داد ڊويزن تيمور احمد کيڙو ٻڌايو ته سکر بيراج مان 4 لک 28 ھزار ڪيوسڪ پاڻي گذري رھيو آھي جڏھن ته ايندڙ ھفتي پاڻي جو وڏو ريلو گذرڻ جو امڪان آهي ھن وڌيڪ چيو ته حفاظتي بندن جي نگراني ڪئي پئي وڃي.

آگسٽ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو