دادو ۾ سنڌو درياهه جو چاڙهه، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ، فصل تباهه، متاثر ڳوٺاڻن جي انتظاميا کان مدد جي اپيل

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو: سنڌو درياھه ۾ چاڙھ ايل ايس بچاءُ بند تي دٻاءُ پاڻي يوسي موندر، يوسي سيال جي سوين ڳوٺن کي گھيري ڇڏيو، آبپاشي کاتو ضلع انتظاميا، ھيلٿ ۽ وٽنري کاتو گم علائقي واسين جو ساھ مٺ ۾ سنڌو درياهه ۾ دادو، مورو پل وٽ وڏو چاڙهه اچڻ بعد دادو ضلعي جي ڪچي جي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ھڪ سئو کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن،
جڏهن ته درياهه جي ڪچي ۾ تقريبن 15 هزار ايڪڙ زمين تي پوکيل ڪپهه، مرچ، ٻاجهري،گوار، تر، بصر، جوئر ۽ ٻين فصلن کي سخت نقصان پهتو آهي. پاڻي جي آمد سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو مڪمل طور تي ڪٽجي ويو آهي، متاثر ڳوٺن علي علام چانڊيو، ڪرم علي چانڊيو، علي بخش چانڊيو، قائم سيال، شيخ گلاب، سونھري، دانو چانڊيو، ڊيم، رمضان ماڇي، سونو خان جتوئي، مستوئي، چانڊيا، کوتوکرل، حسين جتوئي، نبن مستوئي، گل محمد ڪوريجو، قلب علي جتوئي، ڳھڻو خان جتوئي، ڇٽو مستوئي، بھادي جتوئي، الھ بخش ڪوريجو، شاھاڻي جا ڀاڻ، اختيار خشڪ، درگاھ شھنشاھ بخاري ۽ ٻين ڳوٺن مان ماڻهن جي وڏي انگ ۾ لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي،
سنڌو درياھ جي پاڻي ۾ چاڙهه سبب دادو لڳ يونين ڪائونسل سيال يونين ڪائونسل موندر جي مختلف ڳوٺ درياهه جي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن ضلع انتظامين ڪنهن به قسم جو نوٽيس نه ورتو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ شروع ڪري ڏني آھي، ڳوٺاڻن علي غلام چانڊيو، علي بخش، سونو خان جتوئي، ڪرم علي، نھال، وزير ڪوريجو، اعجاز سيال، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درياھ جي پاڻي جي چاڙھ سبب سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن جنهن سبب چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويو آهي ۽ مختلف بيمارين ڪر کيون آهي جنهن سبب مالوند ماڻهون مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن ۽ ھزارين ايڪڙ زمين ۾ ڪاهيل فصل پڻ تباهه ٿي ويو آهي
ڪيترائي فصل جن کي ٻوڏ جي پاڻي پنهنجي گهري ۾ ڪري ورتو آهي ھزارين مزدور طبقو جيڪي تاريخ ويجز تي ڏهاڙيدار آهن جن جو فصل ۽ هارپي تي گذر سفر آهي انهن جو گذر سفر محال ٿي ويو آھي، جن کي خشڪ راشن جي سخت ضرورت آهي ليڪن ضلع انتظاميہ ڪنهن قسم جو نوٽيس نه ورتو، ڳوٺاڻن جو ضلع انتظاميہ ڊي سي دادو، مختيار ڪار دادو کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي ۽ پڪي طرف منتقل ڪرڻ ٻيڙيون ڏيڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي،
آگسٽ 30, 2025