مٺي ۾ پريمي جوڙو پنهنجي مرضي سان شادي بعد تحفظ جو طلبگار

Spread the love

مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) ڪوٽ غلام  محمد  تعلقي جي ڳوٺ فريد آباد جو پريمي جوڙو مٺي پهتو. جتي هنن پنهنجي مرضي جي شادي ڪري گڏ رهڻ جوفيصلو ڪري ورتو آھي. ڪوث غلام محمد جي ڳوٺ وحيد فارم جي رهوسي جاويد ولد غلام حسين خاصخيلي  مسمات 27 سالا سوٽ گل ناز ڌي اسحاق خاصخيلي کي وٺي مٺي ۾ پنهنجو نڪاح ڪري شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي گڏ زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

هنن پريس ڪلب مٺي پهچي دانهيندي جاويد خاصخيلي چيو ته مون کي گل ناز جي وارثن مان جاني توڙي مالي نقصان خطرو آھي. ان ڪري اسان کي  تحفظ فراهم ڪيو وڃي. پريمي ناري مسمات گل ناز خاصخيلي چيو ته منهنجو سڱ جاويد کي ڏنل هو پر منهنجا والدين منهنجو سڱ ٻئي هنڌ ڪرڻ پئي چاهيو. جيڪو مون کي قبول نه هو. ان ڪري مون گهران نڪري  جاويد خاصخيلي سان شادي ڪئي آھي.

هنن ڊي آء جي ميرپورخاص. ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ باحڪام کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي هر ممڪن انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

آگسٽ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو