ڄامشوري ۾ پوليو فرنٽ لائن ورڪرن جي مڃتا لاءِ شاندار تقريب، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ورهايون ويون

ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث )ضلعي ڄامشورو ۾ پوليو فرنٽ لائن ورڪرن جي مڃتا لاءِ شاندار تقريب ضلعي ڄامشورو ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ فرنٽ لائن تي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ورڪرن جي مڃتا لاءِ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ڄامشورو پاران پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ھال ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ورهائيون ويون ۽ پوليو جي خاتمي بابت آگاهي سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو، تقريب جا مهمانِ خاص ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا هئا،
تقريب ۾ ڊي سي ڄامشورو غضنفر علي قادري خطاب ڪندي چيو ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران ضلعي جي پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا ضرور پياريا وڃن، ته جيئن اسان پنهنجي گلڙن جهڙن ٻارڙن کي هن موذي مرض کان محفوظ رکي سگهون، هن گذريل مهم دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرن جي واکاڻ ڪئي، ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا چيو ته پوليو مهم دوران ورڪرن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پوليس پاران ضلعي ۾ مڪمل سيڪيورٽي مهيا ڪئي ويندي،
ڇو ته پوليو جو خاتمو قومي فريضو آهي ڊي ايچ او ڄامشورو ڊاڪٽر پير منظور احمد سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيو ته پوليو مهم دوران ضلعي جي هر يوسي ۾ ورڪرز پنھنجي ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ محنت سان ڪم ڪن ٿا، هن ٻڌايو ته ڊبليو ايچ او جي ٽيم پوليو مهم کانپوءِ جو جائزو وٺي ضلعي جي 10 يوسين جي رپورٽ تيار ڪئي جيڪي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيوتقريب دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو فرنٽ لائن ورڪرن، يوسي ايم اوز، ايريا انچارج ۽ ڊاڪٽرن کي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون،
ان سان گڏ، اسڪولن جي شاگردن کي پوليو ايمبسڊر طور بيلٽ پڻ پارايا ويا تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي شفيق رحمان آگرو، ڊاڪٽر ڪليم شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٿاڻو بولاخان آصف سومرو، پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر رضا پنھور، وومين ڊولپمينٽ کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شازيا عابد سميت ضلعي جي لاڳاپيل آفيسرن، تعلقن جي ايم ايس، يوسي ايم او، ايريا انچارج، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ پوليو ورڪرز وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي پڄاڻي تي ڊي سي ڄامشورو جي اڳواڻي ۾ پوليو آگاهي ريلي پڻ ڪڍي وئي،
آگسٽ 30, 2025