ڊريم اليون سان ڪروڙين ماليت جو معاهدو ختم، دنيا جي شاهوڪار بورڊ کي ايشيا ڪپ لاءِ ڪو به اسپانسر نه مليو!

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا ايشيا ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم جي بنا اسپانسر جرسيءَ سان کيڏڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ايمرجنسي ايپڪس ڪائونسل اجلاس دوران ڀارتي ٽيم جي جرسي لاءِ نئين اسپانسر جو معاملو بحث هيٺ آيو، جنهن دوران بورڊ تسليم ڪيو ته ايشيا ڪپ کان ڪجهه ڏينهن اڳ نئون اسپانسر ڳولڻ هڪ ڏکيو مرحلو آهي.
ان جي ابتڙڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ ) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2027 تائين اسپانسر حاصل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي، انڪري ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي اسپانسر جرسيءَ بنا کيڏڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپانسر ڪمپني ڊريم اليون نئين گيمنگ بل پاس ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سان پنهنجو معاهدو ختم ڪري ڇڏيو، جنهن سبب بي سي سي آءِ کي وڏي مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو.
ڀارتي پارليامينٽ آن لائن گيمز بابت بل ”پروموشن اينڊ ريگيوليشن آف آن لائن گيمنگ بل 2025“ منظور ڪيو، جنهن تحت پئسن جي ڏيتي ليتي ڪندڙ آن لائن گيمز تي مڪمل پابندي هوندي.
ڀارتي ميڊيا موج، ڊريم 11 جي معاهدو ختم ڪرڻ کانپوءِ بي سي سي آءِ کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيندو، اهو معاهدو 2023 ۾ ٿيو هو، جيڪو 2026 تائين جاري رهڻو هو، جنهن جي ماليت 44 ملين ڊالر (358 ڪروڙ ڀارتي رپيا) هئي.

آگسٽ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو