والاگرز باٿ روم کي ڇڏي باقي سڀ ڪجهه ڏيکاري رهيا آهن: شائسته جبين

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا شائسته جبين سوشل ميڊيا انفلوئنسرز ۽ فيملي ولاگنگ ڪندڙن تي ٺٺول ڪندي چيو آهي ته ولاگرز، ٽِڪ ٽاڪرز ۽ يوٽيوبر پنهنجي ولاگز ۾ باٿ روم کانسواءِ هر شيءِ ڏيکارين ٿا.
شائسته جبين تازو سما ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن کليل دل سان مختلف معاملن تي ڳالهايو.
هڪ پروگرام دوران هن گهر ڀاتين ۽ شادي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته هن پنهنجن سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن جون شاديون ڪرايون ۽ هڙني سان سندس بهترين لاڳاپا آهن.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هن ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه کي انا جو مسئلو نه بڻايو، هر ڪنهن سان دوستاڻو رويو رکيو، جنهن ڪري سندس ڪنهن سان به لاڳاپا نه بگڙيا.
شائسته جبين چيو ته سس ڪڏهن به ماءُ نٿي بڻجي سگهي ۽ جيڪي عورتون پنهنجي ڌيئرن جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿيون، اُهي پڻ پنهنجين نُنهن لاءِ مختلف سوچ رکن ٿيون ۽ سندن آزادي جي خلاف هونديون آهن.
زال، مڙس ۽ گهر ڀاتين جي تڪرارن کي سوشل ميڊيا تي آڻڻ بابت به هن ڳالهائيندي چيو ته هاڻي ته اهو ٽرينڊ بڻجي ويو آهي ته هر ڳالهه سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻي آهي.
ان ڌس ۾ هن چيو ته اڄڪلهه يوٽيوب، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي اهڙو ٽرينڊ هلي ٿو، جتي وڊيوز ۾ هر شيءِ ڏيکاري وڃي ٿي.
هن بنا ڪنهن جو نالو وٺندي چيو ته ولاگرز پنهنجي ولاگز ۾ باٿ روم کانسواءِ هر شيءِ ڏيکارين ٿا، بس غسل خانو ئي رهجي ويو آهي، جيڪو هو نٿا ڏيکارين.
پروگرام ۾ موجود ٻين مهمان عورتن کيس ياد ڏياريو ته ڪجهه ولاگرز غسل خانو به ڏيکارين ٿا.
شائسته جبين موجب ولاگز ۾ اهو به ٻڌايو ويندو آهي ته اڄ سندن نڻان سان جهيڙو ٿيو يا نڻان سان لاڳاپا بهتر ٿيا.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ولاگز ۾ گهريلو مسئلن ۽ اختلافن تي ڳالهايو ويندو آهي ۽ سمورا ولاگز ۾ رڳو اهڙيون ئي ڳالهيون هونديون آهن.