مٺي: ڊي سي ٿرپارڪر پاران پوليو مهم جو افتتاح، آگاهي ريلي ڪڍي وئي

مٺي (ڊ-ر). ڊي سي ٿرپارڪر پاران ضلعي ۾ پوليو مهم جو افتتاح، پوليو آگاهي ريلي. انچارج ڊي سر ٿرپارڪر لياقت علي بلوچ سول اسپتال مٺي ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پياري ضلعي ٿرپارڪر ۾ پهرين سيپٽمبر 2025 کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي هن صحت کاتي جي عملدارن ۽ پوليو مهم ورڪرن کي هدايت ڪندي چيو ته پوليو مهم دوران انتظام مڪمل ڪيا وڃن،
پوليو مهم دوران هر گهر تائين پهچي ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا ذميواري سان پيارا وڃن، پوليو مهم دوران ڪو به مسئلو هجي ته ان جو بروقت اطلاع ڏنو وڃي. ان موقعي تي سندس جي اڳواڻي ۾ پوليو مهم جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي، پوليو مهم جي افتتاح واري موقعي تي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي، سول سرجن مٺي ڊاڪٽر هريش ڪمار جڳاڻي،
پوليو فوڪل پرسن ٿرپارڪر ڊاڪٽر ڀرت ڪمار، ٿر فائونڊيشن، انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ ٿرپارڪر، روٽري ڪلب ۽ لاڳاپيل آفيسرن سميت صحت کاتي جي ملازمن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
آگسٽ 29, 2025