ڦلجي اسٽيشن: ٽائون چيئرمين جو شاهي بازار جو دورو، دڪاندارن جي شڪايتن تي واعدا

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور) ٽائون چيئرمين جو شهر جي شاهي بازار جو اوچتو  دورو ، دڪاندارن پاران بازار ۾ برسات جو پاڻي بيھڻ جون شڪايتون ، قاضي علي محمد قريشي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڦلجي اسٽيشن اوچتو شھر جي شاهي بازار ۾ پهچي ويو دڪاندارن پاران گلن جي ورکا ڪري اجرڪن جا تعفا پيش ڪيا ويا ، دڪاندارن پاران برساتن ۾ شهر جي بازار ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهڻ ۽ بازار ۾ نالي نه هئڻ جون شڪايتون ڪيون ويون ،

ان موقعي تي ٽائون چيرمين صحافين سان ڳالھائيندي چيو مان ڪنهن ضروري ڪم سان شھر کان  ٻاھر ھئس ،  ته ڪجھ ڏينهن پهريان برسات کانپوء شھر جي شاھي بازار ۾ پاڻي بيهڻ جون شڪايتون مليون هيون ،  اڄ مان اچي شاهي بازار جي دڪاندارن سان ملاقات ڪئي آهي ۽ جائزو ورتو آهي ته شهرين جون شڪايتون جائز آهن ، شاھي بازار جي مين گهٽي ٻين گهٽن کان هيٺ ھئڻ ڪري پاڻي نيڪال نه ٿو ٿئي ، تمام جلد شاھي بازار جي گهٽي کي مٿي ڪري ۽ پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء نالي ڪڍي ويندي ،

هن وڌيڪ چيو ته ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ اسانجي شهر ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا آهن ، ڪوشش آهي ته شهر جا سمورا جائز مسعلا حل ڪرائي شهر کي خوبصورت بڻايو وڃي ، تمام جلد شهر جي سمورن پاڙن جي گهٽين ۾ اسٽريٽ لائٽون لڳايون وينديون ، هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا سميت قلم ڌڻين جو ٿورائتو آهيان جيڪي وقتن به وقتن شھر جي مسعلن جي نشاندهي ڪرائيندا رهن ٿا ، هي شهر اسانکي پنهنجي گهر وانگر آهي ، شهر جي جائز سمورن مسعلن جي حل لاء ڪوششون ڪري رهيا آهيون ،

آگسٽ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو