سانگهڙ: ڊي سي ساره جاويد جو اسڪولن جو دورو، ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا

سانگھڙ(رپورٽ: شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد پوليو جي خاتمي واري مهم جي سلسلي ۾ پيپلز اسڪول سانگهڙ سميت مختلف اسڪولن جو دورو ڪيو ۽ ٻارن کي پوليو خلاف حفاظتي قطرا پيارا، ان موقعي تي هن والدين ۽ استادن تي زور ڏنو ته هو پوليو ٽيم سان ڀرپور سهڪار ڪن،
جيئن پوليو جهڙي موذي بيماري کي هميشه لاءِ ختم ڪري سگهجي، ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو جا قطرا پيارڻ هر ٻار جو بنيادي حق آهي، والدين جي ٿوري غفلت به سندن ٻارن جي مستقبل لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي، هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي لازمي پوليو جا ڦڙا پيارين، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سنجهورو جويّريا اشرف، صابر حسين مهر، اين اسٽاپ ڊاڪٽر پرور،
يونيسيف جو نمائندو آفتاب، صحت کاتي جا آفيسر ۽ مهم ۾ حصو وٺندڙ رضاڪار پڻ موجود هئا، ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد انهي موقعي تي ٻارن سان رلي ملي ويئي ۽ ٻارن جي فرمائش تي ساڻس تصويرون ۽ جوس پڻ پياريو.
آگسٽ 29, 2025