وڳڻ: 25 سالن کان واٽر سپلائي نه ملڻ خلاف شهر واسين جو احتجاجي مظاهرو

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ شھر کي گذريل ويھ کان پنجويھ سالن کان وٺي واٽر سپلائي جي بنيادي سهولت نه ملڻ خلاف سماجي اڳواڻ احسان علي ٽوٽاڻي جي اڳواڻي ۾ وڳڻ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي شهر واسين سخت نعريبازي پڻ ڪئي. احتجاج ۾ سينيئر صحافي ۽ سماجي ڪارڪن عاجز علي چانڊيو، احسان علي ٽوٽاڻي، روشن علي ٽوٽاڻي، ڪامران پنھور، راجا تنيو، علي رضا مغيري، صاحب خان ٽوٽاڻي سميت شهر جي ڪيترن ئي شھرين شرڪت ڪئي.
احجاج ڪندڙن ڳالھائيندي چيو ته وڳڻ شھر ستر هزار آبادي رکندڙ قديمي شھر آهي، جتي اڄ تائين مٺي پاڻي جي سهولت موجود نه آهي، جيڪو هتان جي عوام جو بنيادي حق آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اسين ايم پي اي برھان خان چانڊيو ۽ ٽائون چيئرمين سردار خليل احمد خان وڳڻ کان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري طور وڳڻ شھر لاءِ واٽر سپلائي اسڪيم منظور ڪري عوام کي مٺي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.
آگسٽ 29, 2025