سيوهڻ: اسڪولن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ۽ سولر سسٽم نه هجڻ سبب تعليم متاثر، استاد ۽ شاگرد پريشان

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي ) سيوھڻ جي مختلف اسڪولن ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ھئڻ ڪري ڪھر جھڙي گرمي اسڪول جا ٻارڙا ۽ استاد سخت پريشان، جڏھن ته اسڪولن ۾ سولر سسٽم به نه ھئڻ ڪري اسڪولي ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي، تفصيل موجب گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳاڙھي واري سيوھڻ شريف جي ھيڊ ماستر سائين ممتاز سولنگي ۽ سائين امان الله ڀٽو پنھنجي ڊيوٽي سر انجام ڏيئي رھيا ھئا،
سندن ڪپڙا گرمي ۾ آلا ھئا، تمام گھڻي گرمي نہ اسڪول ۾ ڪو پکو نہ بجلي جو انتظام ھئو، گھڻو افسوس ٿيو تنھن تي ڳاڙھي واري جي ھيڊ ماستر سائين ممتاز سولنگي ۽ سائين امان الله ڀٽو دانھن ڪندي چيو تہ اسان وٽ لائٽ نه آھي نه ئي اسڪول ۾ سولر سسٽم آھي، ھن اسڪول ۾ اھڙي ظلم جي گرمي ۾ ٻارڙن جي پڙھائي تمام گھڻي متاثر ٿي رھي آھي،
نه وري ھن اسڪول ۾ ڪو چوڪيدار آھي، ھن اسڪول ۾ ٻہ سو ٻار تعليم پرائي رھيا آھن، اسڪول ۾ صرف ٻہ استاد آھن، ھنن پرزور مطالبو ڪيو آھي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ، تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ ۽ سيڪريٽري تعليم کان تہ اسان جي ھن اسڪول کي سولر سسٽم ڏنو وڃي ۽ اسڪول ۾ چوڪيدار مقرر ڪيو وڃي، ۽ وڌيڪ استادن جي گھر ڪئي ۽ پاڻي جي بہ ڏاڍي تڪليف آھي.
آگسٽ 29, 2025