دادو: پوليس مبينہ مقابلا، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي دادو پوليس ڏوھارين خلاف ڪريڪ ڊائون، مختلف هنڌن تي ٻہ لڳاتار مبينا پوليس مقابلن جي دعويٰ ٻنهي مقابلن ۾ ٻه هٿياربند ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا پهريون مقابلو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد احمد خان جتوئي لنڪ روڊ تي ٿيو،
جتي گشت ڪندڙ پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران موٽرسائيڪل ڦُر ڪندڙ ٽولي جو ميمبر صاحب خان جتوئي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو. پوليس وٽان هڪ بگ ماؤزر ۽ ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل هٿ ڪئي ٻيو مقابلو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شاهجهان پارڪ کان پنج موڙ ويندڙ روڊ تي ٿيو، جتي هٿياربند ڏوهارين سان مقابلي دوران 11 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل ايڪٽو ڏوهاري مظهر خشڪ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٻئي ڏوهاري ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن، جن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
آگسٽ 29, 2025