ڀارت جي آبي دهشتگردي جاري، والاريل ڪشميرمان جهلم درياءَ ۾ به پاڻي ڇڏي ڏنو

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان آبي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڻي والاريل ڪشمير مان به جهلم درياهه ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي.
ايس ڊي ايم اي موجب، ڀارت والاريل ڪشمير مان آزاد ڪشمير ۾ جهلم درياءِ ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو آهي.
ايس ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان ڇڏيل پاڻي جو وهڪرو ڪنٽرول لائين چڪوٺي وٽان آزاد ڪشمير ۾ داخل ٿي ويو آهي.
ايس ڊي ايم اي موجب، مظفرآباد ۾ به جهلم ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي ويو آهي ۽ درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري جي نگراني جاري آهي.
ياد رهي ته ڀارت طرفان پنجاب جي درياهن ۾ پاڻي ڇڏڻ کانپوءِ راوي، چناب ۽ ستلج درياهن ۾ غيرمعمولي ٻوڏ واري صورتحال آهي، درياهن جي ڪنڌين آباد وسندين ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته هزارين ماڻهو لڏپلاڻ ٿي ويا آهن.