اقليتي عبادت گاهن جي حفاظت ڪرڻ رياست ۽ ان جي ادارن جي ذميواري آهي: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل آرمي چيف عاصم منير ڪرتاپور سميت پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ خاطري ڪراچي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ سمورن مذهبي هنڌن کي ٻيهر اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير سيالڪوٽ سيڪٽر، شڪر ڳڙهه، نارووال ۽ ڪرتارپور جو به دورو ڪيو، آرمي چيف جي دوري جو مقصد ٻوڏ جي صورتحال، ريسڪيو ۽ رليف قدمن جو جائزو وٺڻ هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف کي ٻوڏ جي موجودا صورتحال ۽ مِينهن جي ايندڙ اسپيل لاءِ تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي.
آرمي چيف متاثر علائقي جي سِک برادري سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اقليتن ۽ سندن مذهبي هنڌن جو تحفظ رياست ۽ ان جي ادارن جي ذميواري آهي، پاڪستان پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو.
فيلڊ مارشل جو چوڻ هو ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ سمورن مذهبي هنڌن کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، درٻار صاحب ڪرتارپور کي ترجيحي بنيادن تي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف وقتائتن ۽ اثرائتن قدمن تي فوجي جوانن ۽ سول انتظاميا جي گڏيل ۽ اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.