درياهه ڪناري طاقتور طبقي جا ريزورٽ بچائڻ لاءِ وسندين جون وسنديون اجاڙيون ويون: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ ايليٽ ڪلچرنگ آهي، درياهه ڪناري طاقتور شخصيتن جي ريزورٽ آهي، جن کي بچائڻ لاءِ وسندين جون وسنديون اجاڙيون ويون.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته ڊيمن ۽ ڪينالن جي معاملي تي صوبن وچ ۾ شڪ جي فضا آهي،
هر صوبي کي ٻئي صوبي تي شڪ آهي ته اهو منهنجو پاڻي روڪيندو، بلوچستان سمجهندو آهي ته سنڌ پاڻي ناهي ڏيندو، ان معاملي تي ڪڏهن اتفاق راءِ پيدا ناهي ٿي سگهيو، ان مسئلي جو حل ٽيلي ميٽري آهي، جنهن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، هڪ ڏيڍ سال ۾ ٽيلي ميٽري جو ڪم مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته درياهه جي پيٽ ۾ ماڻهو ٻني ٻارو ڪندا آهن،
ملڪ ۾ ايليٽ ڪلچرنگ آهي، درياهه جي ڪناري ڪنهن غريب جو هوٽل ناهي، طاقتور ماڻهن جا ريزورٽ آهن، ڪجهه ماڻهن جا ريزورٽ بچائڻ لاءِ وسندين جون وسنديون اجاڙيون ويون.
آگسٽ 29, 2025