خوشخبري، پهرين سيپٽمبر کان تيل اگهه گهٽجڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پهرين سيپٽمبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 61 پيسا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 13 پيسا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي.
اهڙي ريت گاسليٽ جو اگهه هڪ رپيو 53 پيسا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جو اگهه 2 رپيا 61 پيسا في ليٽر گهٽجڻ جو امڪان آهي.
اوگرا تيل اگهن بابت پنهنجي ورڪنگ پيٽروليم وزارت ذريعي فنانس ڊويزن کي موڪليندي، ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان اگهن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.