ايس يو پي سربراهه سيد زين شاهه پاران سنڌ جي جدوجهد ۽ حڪومتي ڪاروائين تي سخت ردعمل
سڪرنڊ ( رپورٽ :راج ڪماراوڏ )ايس يو پي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن تاريخي جدوجهد ڪئي، اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران جماعت جي پاڻي، زمينن ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن کي ڌڪ رسايو، سڄي سنڌ اٿلي پئي ان ڪري پاڻي جا منصوبا وقتي طور روڪيا ويا، پ پ انهن منصوبن ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو،
سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندي سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته صدر غير آئيني طريقي سان 8 جولاءِ تي ڪينالن جو آرڊر ڪڍيو، پر منصوبه بندي ڪندڙن کي سنڌ جي ماڻهن جي طاقتور جدوجهد پسند نه آئي،سڀني ڏٺو ته مورو ۾ ڪهڙي نموني آپريشن ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي معرفت گوليون هلايون ويون ماڻهو شهيد ڪيا ويا،ٻئي پاسي مظاهري ۾ پ پ جي ڇاڙتن خانگي ماڻهن ذريعي حملو ڪرايو ويو،ايف آءِ آرون ڪرايون ويون، 50 کان وڌيڪ گرفتار ڪيا ويا، 30
ماڻهو جيلن ۾ آهن، جن جي ملاقات بند آهي، سندس چوڻ هو ته تاريخي جدوجهد کي چيڀاٽڻ لاءِ مقامي ماڻهن تي ڪيس ڪيا ويا،آبادگارن، سياسي ماڻهن ۽ اپوزيشن ۾ خوف پيدا ڪيو ويو ته جيئن ڪير به تحريڪ جو حصو نه ٿئي، ايس يو پي سربراهه سيد زين شاهه 31 آگسٽ تي موري ۾ سڀ گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪندي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ جو وچن ورجايو
آگسٽ 28, 2025