ڄامشوري ۾ ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري پاران قومي پوليو مهم جو افتتاح

Spread the love

ڄامشورو ( رپورٽ: محمد وارث )ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري پاران پوليو خلاف قومي مهم جو افتتاح ڄامشورو: ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري قومي پوليو مهم جو افتتاح ڪندي ڪوٽڙي جي علائقي بابا صلاح الدين لڳ غلام مصطفي خاصخيلي جي رهائشگاهه تي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو قومي مھم جو افتتاح ڪري ڇڏيو،

ان موقعي تي پوليو آگاهي مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر علائقي واسين کي اپيل ڪئي ته 1 کان 5 سيپٽمبر 2025 تائين جاري رهندڙ مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا ضرور پياريا وڃن، ڇو⁠ته پوليو کان بچاءُ سندن محفوظ مستقبل لاءِ انتهائي ضروري آهي،  ان کان اڳ ڊي سي آفيس ڄامشورو جي درٻار هال ۾ پوليو مهم جي تيارين بابت اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري ڪئي. اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر هدايتون ڏيندي چيو ته مهم دوران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

هن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن تي زور ڀريو ته پوليو مهم کي مڪمل ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن،  ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته پوليو ٽيمن جي نگراني، ويڪسين جي کولڊ چين کي برقرار رکڻ، ۽ هيٽ ويو کان بچاءَ لاءِ قائم مرڪزن کي مڪمل فعال بڻائڻ لازمي آهي. تعليم کاتو استادن کي پابند بڻائي ته هو پوليو ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪن،

جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ کاتو يوسي سيڪريٽرين جي اجلاس ۾ شرڪت کي يقيني بڻائي. پوليس کاتي کي پڻ هدايت ڪئي وئي ته ٽرانزٽ پوائنٽن تي اهلڪارن کي مقرر ڪيو وڃي،  اجلاس دوران ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير منظور احمد ۽ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ڪليم شيخ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڄامشورو ضلع ۾ پھرين سيپٽمبر کان 5 سيپٽمبر تائين جاري رهندڙ پوليو مهم دوران 2 لک 45 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا،

ان مقصد لاءِ 868 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جن ۾ 801 موبائل، 33 ٽرانزٽ، ۽ 34 فڪس ٽيمون شامل آهن، ٽيمن جي تربيت، مائڪرو پلان ۽ لاڳاپيل انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن،  اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) نورالدين هنگورجو، اي ڊي سي (ٽو) ڊاڪٽر عدنان منير تنيو، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي شفيق رحمان آگرو، صحت، پوليس، تعليم، هينڊز، ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پڻ شرڪت ڪئي،

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو