سيوهڻ: ڳوٺ آمڙا ۾ جهيڙي دوران فائرنگ، عورت قتل، 7 ڄڻا زخمي

Spread the love

سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوهڻ پوليس اسٽيشن  جي حد ۾ ڳوٺ آمڙا ۾  گهٽي جي تعميراتي ڪم جي معاملي تي ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو،  جهيڙي دوران فائرنگ سبب هڪ عورت ٿڏي تي قتل ٿي وئي ۽ 7 ست ڄڻا زخمي،  ٿي پيا جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

  سمورن زخمين ۽ فوت ٿيل عورت جي لاش کي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻن زخمين کي طبي امداد کان پوءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو سيوهڻ واقعي کان پوءِ ايس ايس پي ڄامشورو فورن نوٽيس ورتو پوليس زخمين وٽ پهچي وئي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا مار ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون جڌنهن ته  فوت ٿيندڙ عورت جي سڃاڻپ گلزاران آمڙو جي نالي سان ٿي،

لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو۔زخمين ۾ امير بخش، صدام، قربان، غلام رسول، حاجي عرس، شاهنواز ۽ غلام شبير آمڙو شامل آهن.

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو