نوابشاهه: پي ايم سي اسپتال ۾ معدي ۽ جگر جي بيمارين لاءِ نئين او پي ڊي بلاڪ جو افتتاح
نواب شاھ ( رپورٽ :عبدالفتاح رند) پي ايم سي اسپتال ۾ معدي ۽ جگر جي بيمارين جي نئين او پي ڊي بلاڪ جو افتتاح پمس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ ايم ايس ڊاڪٽر يار علي جمالي ڊين آف ميڊيسن اينڊ الائيڊ پروفيسر ڊاڪٽر علي اڪبر سيال چيئرمن آف ميڊيسن ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر انور علي جمالي انچارج هيڊ آف گيسٽرو انٽرولاجي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر رياض حسين کوکر ڪيو
ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر يار علي جمالي گيسٽرو انٽرولاجي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر رياض حسين کوکر چيو ته نواب شاھ اسپتال ۾ جگر معدي ڪاري ڪامڻ رت جي الٽي جي مريضن جو اينڊو اسڪوپي ذريعي چيڪ اپ ڪري بهترين علاج ڪيو ويندو
آگسٽ 28, 2025