چناب، راوي ۽ ستلج ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ برقرار، ڪيئي ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏپلاڻ، 12 ڄڻا فوت

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ٽن دريائن ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن مان شهرين کي منتقل ڪيو ويو آهي.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان جاري ڪيل تفصيل موجب، پنجاب جي ٽن دريائن، چناب، راوي ۽ ستلج ۾ غيرمعمولي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي.
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب تصديق ڪئي آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي.
ٻوڏ جي ڪري سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشنز معطل آهي.
سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌو درياهه ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي.
صوبائي آبپاشي کاتي موجب، 3 سيپٽمبر تي گڊو وٽ 6 لک 30 هزار ۽ 4 سيپٽمبر تي سکر وٽ 5 لک 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي آمد متوقع آهي.
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته بنگالي نار ۽ عربي سمنڊ کان ايندڙ شديد چوماسي هوائون ملڪ جي اترين ۽ وچولي علائقن ۾ داخل ٿي ويون آهن، جنهن سبب تيز برساتن جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي موجب، چناب درياءَ ۾ قادرآباد هيڊ ورڪس وٽ پاڻي جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا جو چوڻ آهي قادرآباد هيڊ ورڪس ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ هڪ لک ڪيوسڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ۽ وهڪرو هاڻي 9 لک 96 هزار ڪيوسڪ تائين اچي ويو آهي، جڏهن ته هيڊ ورڪس جي مجموعي گنجائش 8 لک ڪيوسڪ آهي.
پنجاب ۾ ٻوڏ سبب سيالڪوٽ ضلعي ۾ اڄ سمورا سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا بند آهن.
پي ڊي ايم اي پنجاب جو چوڻ آهي ته راوي درياءَ ۾ شاهدره وٽ انتهائي مٿاهين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ ايندڙ 12 ڪلاڪن ۾ هتي پاڻي جي وهڪرن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو