ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ زيان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڊيمن ۽ ذخيري وارو نظام بهتر بڻائڻو پوندو: مريم نواز

Spread the love

اهدره (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته صوبي جي ٽنهي دريائن ۾ پاڻي جو شديد دٻاءُ برقرار آهي.
شاهدره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته سندس سڄي زندگي لاهور ۾ گذري آهي پر هن راوي ۾ ايترو پاڻي ڪڏهن به نه ڏٺو، جيترو هاڻي آهي.
هن چيو ته پنجاب جي ٽنهي دريائن ۾ پاڻي جو سخت دٻاءُ موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڻي هڪ نعمت آهي ۽ هن صوبائي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ سال لاءِ اهڙو نظام تيار ڪيو وڃي، جنهن تحت پاڪستان ۾ ايندڙ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿيڻ بدران ذخيرو ڪيو وڃي ته جيئن ان کي استعمال ڪري سگهجي.
هن چيو ته “اسان کي ڊيمن ۽ پاڻي جي اسٽوريج واري نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو ۽ ان لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي قومي مفاد ۾ سوچڻو پوندو.“
مريم نواز چيو ته نارووال مڪمل طور ٻڏي ويو آهي، جڏه ته ٻوڏ سبب سيالڪوٽ جو حال به انتهائي خراب آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي ادارن خاص طور 1122 ان سڄي معاملي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي جس لهڻين.

آگسٽ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو