نوان صوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين:جي يو آءِ سنڌ

Spread the love

سکر (ويب ديڪس) جي يو آءِ  سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر  اي جي انصاري چيو آھي ته نون صوبن جو شوشو 73ع جي آئين خلاف آهي، اهي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪبا. هن اھڙن خيالن جو اظهار جامعه شيراز ۾ جي يو آءِ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي جي يو آءِ جي اڳواڻن مولانا سليم الله بروهي، اسدالله حيدري، عرفان علي لوهر،

محڪم الدين بروهي ۽ ٻين عالمن ۽ دانشورن پڻ خطاب ڪيو، ڊاڪٽر اي. جي. انصاري چيو ته نون صوبن جي قيام لاءِ صوبائي اسيمبليز، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ضروري آهي، جيڪو ناممڪن آهي،هن چيو ته اڳ به ون يونٽ ٺاھي صوبن ۾ نفرتون پيدا ڪيون ويون ھيون ان جو نتيجو بنگلاديش جي صورت ۾ مليو. ھن چيو ته جيڪڏهن زبردستي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي.

آگسٽ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو