اسلام ڪوٽ: زال مڙس نياڻي سميت پريس ڪلب آڏو احتجاج، مخالف عورت تي تنگ ڪرڻ جا الزام
اسلام ڪوٽ(رپورٽ: احمدعلي سانگي)اسلام ڪوٽ ۾ زال ۽ مڙس جو نياڻي سميت پريس ڪلب آڏو احتجاج، خبر موجب:اسلام ڪوٽ ۾ زال ۽ مڙس نياڻي سميت پريس پھچي تنگ ڪندڙن خلاف احتجاج ڪيو،انھي سلسلي ۾ خميسو ڀيل،زال ھانسو ٻائي ۽ نياڻي سڀائي پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته عورت ڪريمان ڀيل اسان سان ظلم ۽ زيادتي ڪري رھي آھي،
اسان جو پلاٽ تان تڪرار ھلندڙ آھي جنھن سبب مخالف ڪريمان اسان کي گھر ۾ رھڻ نه ٿي ڏي،خميسو ٻيلي چيو ته پلاٽ تان پيدا ٿيل تڪرار جو سال اڳ فيصلو پڻ ٿيل آھي جنھن جي اسان وٽ لکت موجود آهي،فيصلي ۾ جيڪو پلاٽ اسان کي مليل آھي انھي مان گذرندڙ بجلي جون تارون مخالف عورت ڪاٽي ڇڏيندي آهي آئون جڏھن ٻنيءَ تي ويندو آھيان ته پويان ڪريمان ڀيل منھنجن ٻارڙن کي تنگ ڪندي آھي،
ھن چيو ته اسان پوليس جي به ڪافي دفعا درخواستون ڪيون آھن پر اسان جي ڪير به دانھن نہ ٿو ٻڌي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي،
آگسٽ 27, 2025