سنڌ اندر مليريا پکڙجي وئي، ڇهن مهينن ۾ هڪ لک 16 هزار ڪيسطڀ

Spread the love

ڪراچي(ويب ديڪس) صحت کاتي جي ترجمان موجب، جنوري کان 25 آگسٽ تائين سڄي سنڌ ۾ مليريا جا 1 لک 16 هزار 828 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته رڳو ڪراچي مان 1 هزار 200 مليريا جا ڪيس سامهون آيا. ترجمان موجب، ڪراچي جي ضلعي ملير مان سڀ کان وڌيڪ 432 مليريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا.

ٻئي پاسي حيدرآباد ڊويزن مان 50 هزار 499، سکر ڊويزن مان 9 هزار 263 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن مان 33 هزار 333 مليريا جا ڪيس سامهون آيا. ميرپورخاص ڊويزن مان 8 هزار 943  ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن مان 13 هزار 590 مليريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا. صحت کاتي جي ترجمان موجب هلندڙ سال دماغي مليريا جا به 3 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان سڀ مريض  حيدرآباد سان تعلق رکندا هئا.

آگسٽ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو