ٺٽو: ڊپٽي ڪمشنر جون هدايتون، 12 ربيع الاول تي سخت سيڪيورٽي ۽ صفائي سٿرائي جا خاص انتظام
ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي) ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته 12 ربيع الاول تي عيد ميلادالنبي (ص) جي موقعي تي سيڪيورٽي جي سخت انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي جڏھن تہ ٻاهرين ماڻهن جي داخلا تي ڪڙي نظر رکڻ سميت سوشل ميڊيا خاص طور تي يوٽيوب، فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ ٽوئيٽر (ايڪس) جي 24 ڪلاڪ نگراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايف آءِ اي سان ويجهو رابطو برقرار رکيو وڃي تہ جيئن عوام کي بهتر ۽ پرامن ماحول فراهم ڪري سگهجي.
اھڙيون هدايتون ھُن 12 ربيع الاول جشن عيد ميلادالنبي (ص) جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين ضروري انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت دربار هال مڪلي ۾ منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. هُن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته مسجدن، اجتماعن، جلوسن ۽ ريلين جي گذرگاهن جي صفائي سٿرائي، لٽڪندڙ ڪيبلن ۽ تارون درست ڪرڻ، پاڻي ۽ بجلي جي بلا تعطيل فراهمي، اسٽريٽ لائيٽن کي فعال بڻائڻ ۽ جلوس جي رستن تان حد دخليون هٽائڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.
هُن صحت کاتي جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته 12 ربيع الاول جي مناسبت سان سمورين اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ رکن جڏهن ته ايمرجنسي ميڊيڪل ڪئمپ ۽ موبائل يونٽ فعال رکڻ سميت مرڪزي اجتماعي هنڌن تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ايمبولينس ۽ گهربل دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر اجلاس ۾ موجود عالمن کي اپيل ڪئي ته هن ڏينهن کي پرامن طريقي سان ملهائڻ لاءِ ڪنھن بہ قسم جي نفرت انگيز تقريرن کان پاسو ڪن ۽ پاڻ ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري وارو ماحول برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ان موقعي تي عالم سڳورن ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پنھنجي مڪمل سھڪار جو يقين پڻ ڏياريو. اجلاس کي ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي ٻڌايو ته عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي موقعي تي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪندي سخت قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته 990 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن کي روٽس مطابق جلوسن ۽ ريلين جي مڪمل سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪو به امڪاني ناخوشگوار واقعو پيش نه اچي سگهي. اجلاس ۾ روينيو، پوليس، رينجرز، صحت، اطلاعات، پبلڪ هيلٿ، ٽائون، ميونسپل، لوڪل گورنمينٽ، حيسڪو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سميت مختلف مڪتبہ فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي.
آگسٽ 27, 2025