ڏيپلو ويڙهيجهپ ۾ نوجوان ناري جو گولي لڳل لاش هٿ، وارثن جو انصاف جو مطالبو
مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) گذريل ڏينهن تعلقي ڏيپلو جي ڳوٺ ويڙيهجپ ۾ نوجوان ناري جو گولي لڳل لاش هٿ آيو هو، خبر موجب ڏيپلو جي ڳوٺ ويڙيجهپ جي رهواسي 18 ورهين جي نوجوان ناري ثمينه ڌيءَ ملوڪ درس جو گلي ۾ گولي لڳل لاش ڳوٺ جي ڀرسان ٻني مان هٿ آيو هو. ان واقعي بابت اطلاع ملڻ تي ڏيپلو پوليس پهچي لاش ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال ڏيپلو منتقل ڪري پر تعلقي اسپتال ڏيپلو ۾ ليڊي ڊاڪٽر مقرر نه هجڻ ڪري لاش سڄي رات مرده خاني ۾ پيل رهيو ۽ سندس مائٽ روڄ راڙو ڪندا رهيا ۽ ڳوٺ ويڙهيجهپ سميت پوري شهر ڏيپلو ۾ ڏک ۽ مايوسي جي لهر پکڙيل رهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ڀرسان ٻني مان گولي لڳل لاش مليو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ناري جي پيءُ ملوڪ درس جو چوڻ آهي ته منهنجي ڌيءَ ثمينه خودڪشي نه ڪئي آهي، منهنجي نياڻي کي ڪنهن گولي هڻي ماريو آهي، ان واقعي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. واقعي بابت ڏيپلو پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته وارثن جي مطالبي تي قتل جي امڪان تي به جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ناري ٻني ۾ اڪيلي ڪم ڪريڀرهي هئي،
فائرنگ جو آواز شام جو چار بجي ڌاري ٻڌڻ ۾ آيو هو، پوليس کي چار ڪلاڪ گذرڻ بعد اطلاع ڏنو ويو آهي، جڏھن ته ناري جو لاش 20 ڪلاڪن بعد ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي اچڻ بعد پوسٽ ماٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو آهي پر انهي دردناڪ واقعي بابت ڪوبه ڪيس وغيره اڃان تائين داخل ٿي نه سگهيو آهي ۽ نه ئو ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي آهي. وڌيڪ ڏيپلو پوليس پيرائتي جاچ ڪري رهي آهي.
آگسٽ 27, 2025