31 آگسٽ کان تيز برساتن جو امڪان، سنڌو درياهه ۾ وڏي ٻوڏ جي وارننگ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن ملڪ جي وڏن درياهن جي مٿانهن علائقن ۾ 31 آگسٽ کان تيز برساتن جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن موجب 29 آگسٽ کان ملڪ جي وڏن درياهن جي مٿانهن علائقن ۾ برسات، جڏهن ته 31 آگسٽ کان شديد برسات جو امڪان آهي.
فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن جو چوڻ آهي ته ستلج ۽ راوي ۾ مٿانهين درجي کان انتهائي مٿانهين درجي، جڏهن ته راوي ۽ چناب جي ندي نالن ۾ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين درجي کان به وڌيڪ درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي.
فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن موجب چناب ۾ هيڊ تريمون واري هنڌ تي 29 آگسٽ جي شام انتهائي مٿانهين درجي، پنجند واري هنڌ تي 2 سيپٽمبر تي انتهائي اوچي درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي.
سنڌ ۾ گدو ۽ سکر تي 4 کان 5 سيپٽمبر تائين اوچي درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي.

آگسٽ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو