پاڻي جي لنگهن تي قبضو ڪندڙن کي ڦاهي ڏيڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڻي جي لنگهن تي قبضو ڪندڙن کي ڦاهي ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي.
قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرپرسن منزا حسن جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ تيارين تي سخت تنقيد ڪئي وئي.
چيئرپرسن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وزارت وقت سر بريفنگ پيپر فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ريجنل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ به کين وقت تي بريفنگ نه ڏني وئي، سيڪريٽري پنهنجي وزارت جي نااهلي جو اعتراف ڪندي ڪميٽي کان معذرت ڪئي.
اجلاس دوران ڪميٽي صاحبزادا صبغت الله چيو ته گليشيئرز بابت تيار ڪيل فريم ورڪ جي باري ۾ به ميمبرن کي مناسب ڄاڻ فراهم نه ڪئي وئي.
چيئرپرسن خبردار ڪيو ته ايندڙ سال برساتون 22 سيڪڙو وڌيڪ شديد ٿينديون، جڏهن ته اين ڊي ايم اي سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر پي ڊي ايم ايز جي ڪردار تي سوال اٿن ٿا.
ڪميٽي ميمبر گستاسب خان چيو ته متاثر علائقن ۾ رڳو چيڪن جي ورهاست ۽ فوٽو سيشن ڪيا وڃن ٿا، اصل ۾ انفرا اسٽرڪچر تي ڪو ڪم ئي نه پيو ٿئي، ڀارت مان ايندڙ پاڻي جي خطري باوجود ڪا به تياري نه ڪئي وئي.
ان تي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري وضاحت ڪئي ته اهو ڀارت جا ڊيم ڀرجي وڃڻ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلو آهي ۽ ان بابت آبي ذخيرن واري وزارت کي بريف ڪرڻ گهرجي.
اجلاس ۾ ميمبر اويس جکڙ پنهنجي ضلعي ليه ۾ ٻوڏ جي تباهين جو ذڪر ڪندي چيو ته هارين جا گهر اجڙي ويا آهن پر اين ڊي ايم اي ليه کي متاثر ضلعن ۾ شامل ئي نه ڪيو.
هن الزام هنيو ته ڏکڻ پنجاب کي فنڊ نٿا ڏنا وڃن، وڏن شهرن ۾ ترقياتي ڪم پيا ٿين، جڏهن ته ڪچي جا علائقا هر سال ٻڏي وڃن ٿا.
ان تي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري خاطري ڪرائي ته سندن ضلعي کي متاثر علائقن ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.
ميمبر شائستا پرويز چيو ته ٻوڏ سبب معيشت تباهه ٿي رهي آهي پر اصل تباهي ٽمبر مافيا جي ڪري آهي، جنهن ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻيلن جو صفايو ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته طاقتور مافيا حڪومت جي مدد کان سواءِ نٿي هلي سگهي ۽ ان تي جاچ ٿيڻ گهرجي.
اجلاس ۾ سخت تجويزون به سامهون آيون، ڪميٽي ميمبر طاهرا اورنگزيب چيو ته آبي لنگهن تي قبضو ڪندڙن ۽ اهڙا اين او سي جاري ڪندڙن کي ڦاهي ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪو اهڙو قدم نه کڻي.
ڪميٽي ميمبر شازيا صوبيا نشاندهي ڪئي ته اڄ راوي ۾ پاڻي وڌي رهيو آهي پر ڪو الرٽ جاري نه ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ميمبرن اتفاق ڪيو ته موسمياتي تبديلي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ صوبن کي به شامل ڪرڻو پوندو ۽ ڪلائميٽ چينج اٿارٽي کي طلب ڪري سخت سوال ڪيا ويندا.